ڪڻڪ اسڪينڊل ۾ 17 اربن جو نقصان، 10 ارب وصول ٿي ويا: نيب سکر

سکر (رپورٽ:اظهر علي دايو) نيب سکر پلي بارگين  جي مد ۾ ڪروڙين رپين جي  خرد برد جي خبرن  کي رد ڪري ڇڏيو،  ٽي وي چينلن تي پلي   بارگين جي مد ۾ خرد برد جي خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي، نيب پڌرائي. ان ڏس ۾ نيب سکر طرفان  جاري ڪيل  پڌرائي ۾ ڄاڻايو  ويو آهي ته سنڌ جي مختلف سرڪاري  گدامن مان خرد برد جي ميگا اسڪينڊل نيب سکر ظاهر ڪيو، خرد برد ڪيل  ڪڻڪ مان قومي خزاني کي 17 بلين جو نقصان پهتو،  خرد برد ۾ ملوث آفيسرن ۽ مل مالڪن جي گرفتارين کانپوءِ 8.5 بلين رقم  وصول ڪئي وئي، گدامن مان خرد برد ڪيل ڪڻڪ مان قومي  ناڻي کي 5.35 بلين جو  نقصان پهتو، پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته  سرڪاري گدامن مان خرد برد ڪيل ڪڻڪ جي مد ۾ جوابدارن کان 2 عشاريه هڪ  سئو 12  ملين جي رقم وصول ڪئي وئي، ڪڻڪ ڪراچي منتقلي دوران خرد برد   ڪيل رقم اندازن 0.8 بلين آهي، نيب آفيسرن جو چوڻ آهي ته ٽرانسپورٽيشن دوران ڪيل خرد برد جي رقم  وصول نه ٿي سگهي آهي، ٽرانسپورٽيشن دوران ڪيل خرد برد جو ريفرنس داخل آهي، ريفرنس داخل ۽ انڊر ٽرائل هئڻ سبب رقم وصولي جو سوال پيدا نٿو ٿئي ، عدالتي حڪم تي مارڪيٽ ريٽ تي پلي بارگين جي رقم  مختص ڪئي وئي، مجموعي طور تي 543990 ٽن ڪڻڪ خرد برد ڪئي وئي، خرد برد ڪيل مان قومي  خزاني کي 16894 بلين جو نقصان پهتو، مختلف ڪاروائين ۾ 10.12  بلين وصول ڪيا ويا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.