گڏيل قومن پاران ٻوڏ متاثرن جي واهر لاءِ مدد جي خاطري

ڪراچي(رپورٽر) گڏيل قومن جي وفد سنڌ سرڪار کي خاطري ڪرائي آهي ته  ٻوڏ متاثرن جي واهر لاءِ عالمي برادري کي مدد لاءِ راضي  ڪيو ويندو، گڏيل قومن جي ڪوآرڊينيٽر 5 رڪني وفد جي صورت ۾ سنڌ جي اختيارين سان ڪالهه ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه، روينيو وارو  صوبائي وزير  مخدوم محبوب زمان ۽ بحالي وارو صوبائي وزير فراز ڏيرو شريڪ ٿيا، گڏيل قومن جي وفد ۾ ڊبليو ايڇ او، يونيسيف ۽ انساني بحالي واري اداري جا نمائندا شامل هئا، ان دوران برسات متاثر علائقن جي بحالي ۽ ڪرونا وائرس  بابت بريفنگ ڏني وئي، چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت پاران برسات متاثرن علائقن ۾ ٿيل نقصان جي سروي ڪئي وئي آھي، برسات متاثر علائقن ۾ ماڻھن کي رقم ڏني ويندي.  هن چيو ته برسات ۽ ايل بي ڊبليو او جي ڪري روڊ، اسپتالن ۽ اسڪولن کي پڻ نقصان ٿيو آھي، سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت کي به برسات متاثرن جي مدد لاءِ لکيو  آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.