ڪورونا بابت حڪومتي پاليسين ۾ تضاد آهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد ( م ڊ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪورونا جي خطري سبب شادي هالز ۾ تقريبن تي پابندي ختم ڪرڻ  واري درخواست رد ڪري ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته   قومي سطح جي فيصلن ۾ مداخلت ڪري نٿا سگهون.چيف جسٽس چيو ته اسان ڪورونا سبب پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان محروم ٿي چڪا آهيون.هن چيو ته ماضي ۾ اسپينش فلو سبب پنج ڪروڙ انسان موت جو کاڄ ٿيا،ڪنهن کي به خبر ناهي ته ڪورونا جو ايندڙ شڪار ڪير هوندو.چيف جسٽس چيو ته وزير اعظم کي ته صحت جون سهولتون حاصل آهن،پر عام ماڻهو کي ناهن،وزير اعظم کي ٻين لاءِ مثال هجڻ گهرجي.چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته هي غير معمولي حالتون آهن،ڪير به نٿو ڄاڻي ته ايندڙ ٽن مهينن ۾ انسانيت سان ڇا ٿيڻ وارو آهي. ٻڌڻيءَ دوران اٽارني جنرل پيش ٿي چيو ته ڪورونا وائرس سبب سنگين صورتحال آهي، جنهن کي اسان نظر انداز نٿا ڪري سگهون، هڪ طرف اسان لاءِ ملڪي معيشت ۽ ٻي طرف عوام جي حياتي آهي. عدالت ڪورونا سبب مارڪيز ۽ شادي هالز تي پابندي روڪڻ جي درخواست رد ڪندي چيو ته ايس او پيز باوجود گلگت بلتستان ۾ جيڪو ڪجهه نظر آيو، اهو ڳڻتي جوڳوعمل آهي، اصل ۾ غريب ماڻهو متاثر ٿين ٿا، وڏن کي ته سٺيون سهولتون ملي وڃن ٿيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.