نيوزيلينڊ پوليس ۾ مسلمان عورتن لاءِ حجاب کي لازمي قرار ڏنو ويو

آڪيلينڊ ( م ڊ ) نيوزيلينڊ پوليس ۾ سڀ کان وڌيڪ مسلم عورتن جي شموليت لاءِ حجاب کي پوليس يونيفارم جو حصو بڻايو ويو آهي. نيوزيلينڊ پوليس ۾ نئين ڀرتي  ٿيل ڪانسٽيبل زينا علي ملڪي تاريخ جي پهرين باحجاب عورت اهلڪار آهي. پوليس ترجمان موجب يونيفام ۾ باضابطه طور شامل ڪرڻ جو مقصد هڪ متنوع برادري جي عڪاسي ڪندڙ جامع خدمتن جي جوڙجڪ آهي. نيوزيلينڊ پوليس موجب حجاب کي يونيفارم ۾ باضابطه طور شامل ڪرڻ جو فيصلو 2018 ۾ پوليس اسٽاف پاران مليل درخواست تي ڪيو ويو. زرينا علي موجب ڪرائسٽ چرچ حملي بعد پوليس جوائن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، وڌ کان وڌ مسلمان عورتن کي پوليس ۾شامل ٿيڻ جي ضرورت آهي، جيئن ماڻهن جي مدد ڪن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.