لاڙڪاڻي ۾ مڙس زال کي پٽ ۽ امڙ سامهون گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻو(رپورٽ: مرتضيٰ ڪلهوڙو) لاڙڪاڻي ۾ ساهرن ڏانهن وڃڻ کان انڪار تي پسند جو پرڻو ڪندڙ عورت کي جوابدار مڙس پٽ ۽ امڙ جي سامهون گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو، پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي، لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا، واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه حيدري ٿاڻي جي حد ايوب ڪالوني ۾ شهر جي ڀينس ڪالوني واسي جوابدار بابر علي کوکر گهرو اڻبڻت تان پنهنجي گهر واري 22 سالن جي عاصمه کي سندس معصوم پٽ ۽ امڙ جي سامهون پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته واقعي بعد فرار فرار ٿي ويو، لاش پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ان موقعي تي مقتولا عورت جي امڙ مسمات صفيه سرهيو صحافين کي ٻڌايو ته منهنجي ڌيءُ مٿان سندس مڙس بابر علي کوکر، سهرو مولابخش ۽ ڏير علي کوکر معمولي ڳالهه تان تشدد جو نشانو بڻائي جهيڙو ڪندا هئا ڪالهه  بابر علي کوکر گهر جي در تي اچي عاصمه کي گهر وڃڻ جو چيو عاصمه جي انڪار تي بابر علي کوکر ڌيءُ کي گوليون هڻي پاڻ فرار ٿي ويو. هن ٻڌايو ته پاڙيوارن ٻڌايو آهي ته بابر علي کوکر سان هڪ ٻيو به همراهه گڏ هو جيڪو در ٻاهريان بيٺو هو شڪ آهي ته اهو بابر علي کوکر جو ڀاءُ آهي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي،مقتولا عاصمه پنهنجي مڙس ۽ ان جي گهر ڀاتين کان تنگ هئي جنهن طرفان طلاق لاءِ درخواست داخل ڪرائڻ پئي چاهي ،ايس ايڇ او حيدري لياقت کجڙ ٻڌايو ته مقتولا جا والدين پيرسن هئڻ جي ڪري ڌيءُ جي قتل ٿيڻ کان پوءِ صدمي ۾ آهن جنهن ڪري هن وقت تائين ڪيس داخل ٿي نه سگهيو آهي پر ان جي باوجود پوليس طرفان جوابدار جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپن جو سلسلو جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.