ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي پيءُ آڏو پٽ قتل

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي جي سرجاڻي ٽائون واري علائقي ۾ هٿياربند ڦورن مزاحمت تي پيءُجي سامهون سندس جوان پٽ کي  گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، مراقبا هال ويجهو ڪار ۾ سوار28 سالن جي افتخار پٽ ظفر کي موٽر سائيڪل سوار جوابدارن گوليون هڻي قتل ڪيو. هوڏانهن لاسي ڳوٺ واري علائقي مان تازي ڄاول ٻارڙي جو لاش هٿ آيوآهي، هوڏانهن  ڪورنگي ضلعي ۾ واقع مهراڻ ٽائون ۾ هٿياربندن گوليون هڻي سيڪيورٽي گارڊ عابد علي کي زخمي ڪري وڌو، هوڏانهن  ملير ڪينٽ پوليس ٻن ڪاررواين دوران ٻن موٽر سائيڪل چورن ۽ٻن منشيات فروشن سميت چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.

ڊاڪٽر ماها شاهه ڪيس:  جاچ آفيسر جو بيان رڪارڊ ڪرائڻ بابت درخواست خارج

ڪراچي (رپورٽر )  جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ڊاڪٽر ماها شاهه آپگهات ڪيس ۾ جاچ آفيسر جي بيان رڪارڊ ڪرائڻ بابت  درخواست خارج ڪري ڇڏي. عدالت جاچ آفيسر کي چالان پيش ڪرڻ جي مهلت ڏيندي ٻڌڻي 29 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻڌڻيءَ دوران جاچ آفيسر گواهن کي پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. عدالت جاچ آفيسر کي ڪيس جو چالان پيش ڪرڻ لاءِ مهلت ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

آرزو ڪيس: نڪاح پڙهائيندڙ مولوي ۽ ٻين جي ضمانت ۾ واڌ

ڪراچي ( رپورٽر ) ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ آرزو ڪيس ۾ نڪاح پڙهائيندڙ جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾  واڌ ڪري ڇڏي. ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ۾ آرزو فاطمه جي مبينا اغوا ۽ ننڍي عمر جي شادي بابت ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي ضمانت بابت درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي وئي. عدالت آرزو جي مڙس علي اظهر جي ضمانت واري درخواست تي بڌڻي 21 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي،  جڏهن ته عدالت نڪاح پڙهائيندڙ عبدالرسول، وڪيل محمود ۽ جنيد جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي.

ميرپورخاص ۾ ٽن شاگردن ۽ استاد کي ڪورونا، اسڪول بند

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرپورخاص ضلع ۾ ڪورونا جا ڪلور جاري آهن ڪورونا جي تازي لهر ۾ اسڪول ويندڙ ننڍي عمر جا ٻار ڪورونا جا وڌيڪ شڪار ٿي رهيا آهن. ڪورونا جي ٽيسٽن جي حوالي سان صحت کاتي پاران 17 نومبر تي ضلع جي مختلف اسڪولن، آفيسن ۽ عام رهواسين جي 348 ٽيسٽن مان ميرپورخاص جي مختلف اسڪولن جي شاگردن، استاد ۽ رهواسين 12 ورهين جي وڪرم، 14 ورهين جي چندر، 14 ورهين جي هريش، گنگارام، مسمات زرينا ۽ گلاب سميت 6 رهواسين کي ڪورونا جي تصديق ڪئي ويئي آهي، ٽن شاگردن ۽ هڪ استاد ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيڻ بعد انهن اسڪولن کي بند ڪيو ويو آهي.

ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، متحده لنڊن جو ٽارگيٽ ڪلر گرفتار

ڪراچي(رپورٽر ) ڪورنگي ۾ سي ٽي ڊي ڪارروائي دوران ايم ڪيو ايم لنڊن سان لاڳاپيل ٽارگيٽ ڪلر محي الدين عرف ماسٽر  کي گرفتار ڪري ورتو، محي الدين رينجرز تي حملي سميت دهشتگردي، ڀتي خوري ۽ قتل سميت مختلف سنگين ڏوهن ۾ گهربل آهي. هن 2018ع ۾ اسامه ۽ شفيق ڪالا سان گڏجي رينجرز تي حملو ڪيو جنهن ۾رينجرز جو هڪ جوان شهيد ۽ ٻه زخمي ٿيا .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.