فضل الرحمان کي زيدي بابت ڪوڙ ڳالهائڻ زيب نه ٿو ڏئي: شبلي فراز

اسلام آباد: (م ڊ) اطلاعات واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) جي هڪ ئي ايجنڊا  آهي ته ڪيس ختم ڪرايا وڃن. سماجي رابطن جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي شيئر ڪيل پيغام ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته فضل الرحمان کي شبر زيدي بابت ڪوڙ ڳالهائڻ ٺهي نه ٿو، شبلي فراز چيو ته عدليه اها آزاد مڃي ويندي جيڪا صرف اپوزيشن کي ريليف ڏئي. اليڪشنون صرف اهي آزادي مڃيون وينديون جنهن جا نتيجا انهن جي حق ۾ هوندا. وفاقي وزير لکيو ته هاڻ ادارن تي ڪنهن به خاندان جي حڪومت نه هلندي. ان کان علاوه وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته گلگت بلتستان جي لاءِ ڪجهه نه ڪندڙن کي ووٽ ڪيئن ملندا.؟شبلي فراز پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو جذباتي بيان منطق  ۽ حقيقتن کان عاري آهن. مخالف ڌر کي چونڊن کان پوءِ پنهنجي شڪست کي نه مڃڻ جي روايت کي ختم ڪرڻو پوندو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.