پاڪستان ۾ عوامي تاثر هميشه اسٽيبلشمينٽ جوڙيو آهي: تجزئي نگار

ڪراچي( م ڊ) تجزئي نگارن چيو آهي ته ڪورونا سبب هڪ قوم طور  ذميواري ناهي ڏيکاري، حڪومت صرف جلسن لاءِ ڪورونا جو معاملو  نه اٿاري، سماج جي هر حصي ۾ اهو لاڳو ڪرڻو پوندو. هم ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڊاڪٽر جبار خٽڪ چيو ته وفاق کان پڇو ته پهريان مذاق اڏايو پيا، هاڻ ڇو سنجيده ٿي ويا آهيو.   ڊاڪٽر جبار خٽڪ چيو ته مون ٻڌو آهي ته ڪراچي ۾ ڪنهن اسپتال ۾ جاءِ ناهي، لاهور ۾ وينٽي ليٽر ناهي. سماج ۾ سياستدانن سميت ٻيا به آهن. سماج ۾ اهي ئي به آهن جيڪي پنهنجي خلاف ڪجهه  نه ٿا ٻڌڻ پسند ڪن، فيض آباد وارن کي منتشر نه ڪيو ويو پر  اوڪاڙا ۾ هارين تي تشدد ڪيو  ويو.  ڊاڪٽر جبار خٽڪ چيو ته ڪورونا سبب ميڊيا به ڀوڳيو آهي، حڪومتن ڏانهن رهتون آهن جيڪي نه ملڻ سبب ورڪر پگهارن کان محروم آهن . ڊاڪٽر جبار خٽڪ چيو ته تنزانيا ۽ ڪورونا جهڙن ملڪن ۾ ڪورونا کي محدود  ڪري ڇڏيو، هتي به بلوچستان کي اڪيلو ڇڏيو ويو، اڄ بندشون لڳائيندڙ هاڻ اهو الزام واپس وٺن ته ڪورونا بندشن سبب معيشت سان دشمني پيا ڪريو. صحت جي اها حالت آهي ته ابن حسن پريس جو روح روان هڪ خانگي اسپتال ۾ ڪورونا سبب لاڏاڻو ڪري ويو، پر ان جو بل هڪ ڪروڙ 20 لک آيو آهي. تجزئي نگار چيو ته افتخار احمد چيو ته صرف سياستدانن کي ذميوار سڏيو ويندو ته مان انهن جو بچاءُ ڪندس، جمهوريت ۾ صرف سياستدان ناهن، چيف سيڪريٽري، ڪور ڪمانڊر سميت سمورا شامل آهن. هن ملڪ ۾ پبلڪ پرسيپشن سدائين اسٽيبلشمينٽ بڻائيندي رهي آهي، ڇا فيصل آباد ۾  ويٺل کرب پتي صرف سياستدان هئا.  مظهر عباس چيو ته اسان ايس اوپيز صرف ماسڪ پهرڻ ئي سمجهيو آهي.  عمران ۽ مريم جي جلسي ۾  مک اڳواڻ بنا ماسڪ جي هئا. اسان ڪورونا کي سنجيدهه ناهي ورتو.  اسان سڀني کي ذميواري ڏيکارڻي پوندي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.