گلگت ۾ 8 سيٽون کٽڻ جي سليڪٽرن کي مبارڪ هجي: مريم نواز

مانسهره (م ڊ) ڪيڏو نه ظلم آهي، يونين ڪائونسل هلائڻ جي صلاحيت نه رکندڙ شخص کي ملڪ جو وزير اعظم بڻايو ويو. مانسهرا  ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته گلگت بلتستان ۾ ميچ فڪسنگ باوجود سليڪٽرن کي مينڊيٽ بدران بي ساکيون مليون. هن چيو ته اهڙي ذلت کان بهتر هو ته گهر ويهي رهو ها. مريم نواز چيو ته گلگت ۾ نواز شريف جي بيانيي سبب سليڪٽڊ جي سياست دفن ٿي وئي، سليڪٽڊ کان ڪجهه پڇا ڪيو ته چوندو آهي مان ۽ ادارا هڪ پيج تي آهيون. هن چيو ته مريم نواز عمران خان جو نالو وٺڻ بدران چيو ته اوهان ملڪ کي ڏنو ڇا آهي جو گلگت بلتستان جو عوام اوهان کي ووٽ ڏئي ها. مريم نواز جو چوڻ هو ته جنهن سڄي پاڪستان ۾ هڪ سِرَ به نه هنئي ۽ ووٽ چوري ڪري ويو اڄ اُهو هزارا موٽر وي تي پنهنجي تختي هڻائي رهيو آهي. عوام ڄاڻي وٺي ته جيستائين ڪوڙي حڪومت اسان جي مٿي تي سوار آهي، ملڪ نٿو هلي سگهي، مهانگائي گهٽ نٿي ٿي سگهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.