ميڙاڪن تي پابندي، تعليمي ادارا 24 نومبر کان 31 جنوري تائين بند ڪرڻ جي تجويز

اسلام آباد (م ڊ) تعليم بابت وفاقي وزارت ڪورونا جي ٻي لهر کي ڏسندي تعليمي ادارن جي بندش جي حوالي سان پنهنجون تجويزون صوبن کي موڪلي ڇڏيون آهن،تعليم بابت وفاقي وزارت تجويز ڏني آهي ته تعليمي ادارن کي 24 نومبر کان 31 جنوري تائين بند ڪيو ويندو.تجويز موجب 24 نومبر کان پرائمري اسڪول بند ڪيا ويندا، 2 ڊسمبر کان مڊل اسڪول بند ڪيا ويندا،  جڏهن ته 15 ڊسمبر کان هائير سيڪنڊري اسڪول بند ڪيا ويندا.تعليم بابت وفاقي وزارت تجويز ڏني آهي ته استاد ادارن ۾ حاضري يقيني بڻائن ۽ آن لائن ايجوڪيشن لاءِ تياري ڪئي وڃي، مقامي طور ٽيلي اسڪول، ريڊيو سميت آن لائن ايجوڪيشن سسٽم لاڳو ڪيو ويندو.وفاق طرفان تعليمي سيشن کي 31 مئي تائين وڌائڻ جي تجويز تحت ميٽرڪ، انٽرميڊيئيٽ امتحان جون 2021 ۾ ورتا ويندا.تعليم بابت وفاقي وزارت جو چوڻ آهي ته بين الصوبائي تعليمي وزيرن جي ڪانفرنس 23 نومبر تي ٿيندي، ان اجلاس ۾ صوبا پنهنجون تجويزون پيش ڪندا، هوڏانهن اين سي سي طرفان جاري ڪيل پڌرائي مطابق 300 کان وڌيڪ ماڻهن جي سمورن آئوٽ ڊور ميڙاڪن تي پابندي هوندي، ايس اوپيز تي عملدرآمد جي ذميواري ميڙاڪن جي منتظمن تي هوندي، ڪورونا سبب موت يا ڪورونا ڦهلجڻ تي آرگنائزر ذميوار هوندا، اين سي سي جو چوڻ آهي ته شادي لاءِ ان ڊور تقريبن تي 20 نومبر تي پابندي هوندي، شادي لاءِ رڳو 300 ماڻهن سان آئوٽ ڊور تقريبون ٿي سگهنديون، ريسٽورنٽس ۾ ان ڊور ڊائننگ جي موجوده اجازت جو ايندڙ هفتي جائزو ورتو ويندو، تعليمي ادارن ۾ سياري جي جلد موڪلن جي آپشن تي 23 نومبر تي غور ٿيندو، تعليمي ادارن بابت فيصلو سمورن صوبن، وفاقي يونٽس جي مشاورت سان ٿيندا، اين سي سي مطابق مقامي انتظاميا ماسڪ جي سمورن ميڙ وارن هنڌن  تي پابندي يقيني بڻائيندي، اين سي سي سمورن چيف سيڪريٽرين، چيف ڪمشنر آءِ سي ٽي کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.