ڪراچي: ايس اوپيز جي ڀڃڪڙي، 2 سپر مارڪيٽون ۽ ريسٽورنٽ سيل

ڪراچي ( رپورٽر  ) ڪراچي ۾ ڪورونا ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪندڙ سپر مارڪيٽن، ريسٽورنٽ ۽ شادي هالن خلاف وڏي  ڪارروائي جو فيصلو، ڪمشنر ڪراچي ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف ايڪشن وٺڻ جي هدايت ڪئي، گذريل ڏينهن ڪمشنر ڪراچي افتخار شالواڻي جي صدارت هيٺ ڊپٽي ڪمشنرن جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ڪورونا جي پکيڙ روڪڻ جي حوالي سان ايس او پيز انتظامن جو جائزو پڻ ورتو ويو، ان موقعي تي ڪمشنر ڪراچي جي ڊپٽي ڪمشنرن ٻڌايو ته ريسٽورنٽ، سپر مارڪيٽ ۽ خاص ڪري شادي هال انتظاميا ايس او پيز تي ڪنهن به قسم جي پابندي نه ٿا ڪرائن، انهن کي بار بار تنبيهه به ڪئي وئي آهي پر هو باز نه ٿا اچن ان موقعي تي ڪمشنر ڪراچي افتخار شالواڻي سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي حڪم ڏنو ته ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪندڙ سپر مارڪيٽن، ريسٽورنٽ ۽ شادي هالن خلاف اثرائتيون ڪارروايون ڪيون وڃن، جيڪي به ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪن ٿا انهن کي سيل ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.