ٺٽي ۾ وڌيڪ 12 شاگردن کي ڪورونا، 3 اسڪول بند

ٺٽو(بيورو چيف) ٺٽي ۾ ڪورونا جا حملا جاري، وڌيڪ 12 شاگرد ڪورونا جو شڪار، آئيسوليٽ ٿي ويا، 3 اسڪول 15 ڏينھن لاءِ بند. خبر  موجب ٺٽي ضلعي اندر ڪورونا وائرس تيزي سان پکڙجي رھيو آھي، گذريل ڏينھن 12 شاگردن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿيڻ بعد کين سندن گھرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي. ڇتوچنڊ جي ٽن اسڪولن گورنمينٽ پرائمري اسڪول مراد بخش بروھي ۾ 4، ملڪ موسيٰ چوھاڻ ۾ 5 ۽ عبدالڪريم سرڪي ۾ 3 شاگردن ۾ ڪورونا وائرس ظاھر ٿيڻ بعد ٽنھي اسڪولن کي انتظاميا پاران 15 ڏينھن لاءِ بند ڪيو ويو آھي. جڏھن ته جھمپير جي ٻن ڪوھستاني ڳوٺن ۾ ڪورونا جا 11 ڪيس ظاھر ٿيڻ بعد ٻنھي ڳوٺن ڳوٺ سليمان پالاري ۽ ڳوٺ ماڪرپيو ٻارچ ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.