سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران بلاول ڀٽو کي سڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي ( رپورٽر)عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته  بلاول ڀٽو زرداري جي حياتي کي خطرو آهي وڌيڪ رسڪ نٿا کڻي سگهون سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا ۽ جسٽس ڪوثر سلطانه تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ کي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيوآهي .عدالت گهروکاتي سنڌ ۽ گهروکاتي جي سيڪريٽري کي بلاول ڀٽو جي سيڪيورٽي لاءِ سمورا قدم کڻڻ جو حڪم ڏنو آهي . عدالت چيو ته بلاول ڀٽو کي ذاتي سيڪيورٽي گارڊ رکڻ ۽ ڪارن شيشن واري گاڏي استعمال ڪرڻ جي به اجازت ڏني وئي آهي ، بلاول جي وڪيل اختر حسين  عدالت کي ٻڌايو ته پ پ چيئرمين ۽ سندس رهائشگاهه تي سنگين نوعيت جا سيڪيورٽي خدشا آهن، جسٽس ڪي ڪي آغا رمارڪس ڏنا ته رپورٽس مان لڳي رهيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جي حياتي کي خطرو آهي، اهڙي صورتحال ۾ وڌيڪ دير برداشت نٿي ڪري سگهجي،درخواست گذار بلاول ڀٽي جي وڪيل اختر حسين چيو ته  بلاول ڀٽو زرداري 2016ع ۾ سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي درخواست ڏني هئي، سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ بابت وفاقي حڪومت 7 سال گذرڻ باوجود پاليسي پيش نه ڪري سگهي.عدالت بلاول ڀٽي جي درخواست اڪلائي ڇڏي آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.