سنڌ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 1127 ڪيس، 4 ٻار فوت

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 4 ٻار  فوت ٿي ويا، 404 مريض صحتياب ٿي ويا ۽ وڌيڪ 1127 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس صورتحال بيان ڪندي چيو آهي ته هن وقت 11739 مريضن جو علاج هلندڙ آهي جن مان 11213 مريض گهر ۾، 5 آئسوليشن سينٽرن ۽ مختلف اسپتالن ۾ 521 مريضن جو علاج ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته 445 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي ، حيدرآباد 97، سجاول 30، شهيد بينظير آباد 20، دادو 18، سکر 17، بدين 16، نوشهروفيروز 10، شڪارپور 11، ڄامشورو 11، ٺٽو 9، لاڙڪاڻو ۽ خيرپور 7.7، ڪشمور ۽ مٽياري 6.6، قمبر ۽ ميرپورخاص 5-5، سانگهڙ 4، عمرڪوٽ 2 ۽ گهوٽڪي 1 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.وڏي وزير صوبي جي عوام کي خبردار ڪندي چيو آهي ته ڊبليو ايڇ او ۽ ماهرن جي مشاورت سان صوبائي حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.