چانڊڪا اسپتال ۾ عملي پاران شراب واپرائڻ واري وڊيو وائرل

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ چانڊڪا اسپتال جي او پي ڊي ۾ عملي طرفان شراب واپرائڻ واري ويڊيو وائرل، لاڳاپيل اختيارين نوٽيس نه ورتو، سڄاڻ ڌرين ملوث عملي خلاف ڪاروائي جي گهر ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ مليل معلومات  موجب اتر سنڌ جي سڀ کان وڏي لاڙڪاڻو چانڊڪا اسپتال جي مين او پي ڊي ۾ عملي جي شراب سان گڏ واري ويڊيو وائرل سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڏينهن جي وقت ۾ شراب جي بوتل ۽ برف ٽيبل تي پيل آهن. ذريعن موجب شراب جي بوتلن سان ويڊيو ۾ ڏيکاريل ماڻهو اسپتال جا ملازم آهن جڏهن ته او پي ڊي بند هئڻ جي ڪري اسپتال چوڪيدار ۽ عملو نشي ۾ ڌت ٿي اهڙي قسم جون حرڪتون ڪندا آهن. ٻئي پاسي اهڙي  ويڊيو وائرل ٿيڻ باوجود لاڳاپيل اختيارين ڪو به نوٽيس نه ورتو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.