ڪيپٽن (ر) صفدر خلاف مزار قائد جي بيحرمتي خلاف ڪيس خارج

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي عدالت نواز ليگ اڳواڻ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر خلاف مزار قائد جي بي حرمتي ۽ موتمار ڌمڪين وارو ڪيس خارج  ڪري ڇڏيو، عدالت چيو آهي ته جيڪڏهن جوابدارن خلاف مستقبل ۾ ڪي به ثبوت مليا ته ڪيس ٻيهر هلايو ويندو، پوليس عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائيندي چيو هو ته ڪيپٽن صفدر خلاف مزار قائد جي بي حرمتي ۽ ڪنهن کي موتمار ڌمڪيون ڏيڻ جا ڪي به ثبوت نه مليا آهن، فريادي بيان رڪارڊ ڪرائڻ به نه آيو، تنهنڪري ڪيس سي ڪلاس ڪيو وڃي.جديشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ڪيپٽن صفدر خلاف مزارِ قائد جي بي حرمتي ۽ موتمار ڌمڪيون ڏيڻ وارو ڪيس سي ڪرڻ بابت پوليس جي رپورٽ تي فيصلو ٻڌائيندي ڪيپٽن صفدر ۽ ٻين خلاف ڪيس خارج ڪري ڇڏيو.عدالت رمارڪس ۾ چيو ته جيڪڏهن جوابدارن خلاف مستقبل ۾ ڪي به ثبوت مليا ته ڪيس ٻيهر هلايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.