عمرڪوٽ: زيادتي ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن کي پوليس جو پروٽوڪول

عمرڪوٽ(ڊ ر)عمرڪوٽ لڳ ھيرآباد واسڻ 15سالن جي نياڻي گلناز بجير سان زيادتي الزام ھيٺ جوبدار علي حسن ۽  فيض محمد  بجير کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آھي ٻئي طرف متاثر نياڻي گلناز بجير سندس امڙ سان گڏجي سياسي سماجي اڳواڻن سومار قادري محمد سليم نھڙي ۽ ٻين پريس ڪلب عمرڪوٽ آڏو علامتي بک ھڙتالي ڪئمپ قائم ڪري جوابدارن کي سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آھي بک ھڙتالي ڪئمپ تي سومار قادري انساني حقن جي اڳواڻ محمد سليم نھڙي ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته جوابدارن کي پوليس خاص مراعتون ڏئي ٿاڻي تي مھمانن جيان ويھاري ڇڏيو آھي ھوڏانھن جسم چئرمين رياض چانڊيو بک ھڙتالي ڪئمپ تي پھچي متاثر نياڻي گلناز بجير ۽ امڙ سان ھمدردي جو اظھار ڪيو ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ ۾ نياڻين سان زيادتين جي واقعن ۾ تيزي نه رڳو افسوس ناڪ آھي پر ان عمل ۾ ملوث بگھڙن ۽ وحشين کي سخت سزا ملڻ گھرجي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.