برادر اسلامي ملڪن سان گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي: طاهر اشرفي

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) بين المذاهب هم آهنگي وچ اوڀر بابت وزيراعظم جي خاص نمائندي طاهر محمود اشرفي چيو آهي ته پاڪستان  سمورن برادر اسلامي ملڪن سان گڏجي امت جي مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد ڪرڻ چاهي ٿو، انتهاپسندي، دهشتگردي ۽ فرقيواراڻي تشدد کان نوجوان نسل کي محفوظ بڻائڻ لاءِ اسلامي ملڪن ۾ رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته سعودي عرب ۽ عمان سان پاڪستان جا هر سطح تي بهترين لاڳاپا آهن

وينا ملڪ جون مڙس کي ڌمڪيون ۽ گاريون، مبينا آڊيو ٽيپ وائرل

ڪراچي ( م ڊ ) اداڪاره وينا ملڪ جو اڳوڻي مڙس سان ٻارن جي حوالگي وارو معاملو گارين ۽ ڌمڪين تائين پهچي ويو. اسد خٽڪ پاران جاري ڪيل آڊيو ٽيپ ۾ وينا ملڪ چوي ٿي ته تنهنجيون چار ڀينر ۽ ماءُ رهن ٿيون، ڏس مان ڇا ٿي ڪيان. مبينا آڊيو ۾ وينا ملڪ دبئي ۾ عدالتي ڪارروائي جي ڳالهه ڪرڻ تي پنهنجي اڳوڻي مڙس کي گاريون به ڏنيون. اسد خٽڪ وڊيو بيان ۾ الزام هنيو آهي ته سندس ٻارن کي دبئي ۾ موجود ماڻهن جي مدد سان پاڪستان اسمگل ڪيو ويو

حڪومت اسٽيل مل جي 7 هزار کان وڌيڪ رٽائرڊ ملازمن کي ادائيگيون ڪري ڇڏيون

اسلام آباد ( م ڊ ) وفاقي حڪومت پاڪستان اسٽيل ملز جي رٽائرڊ ملازمن جون اربين رپين جو رهتون ادا ڪري ڇڏيون.صنعت  ۽ پيداوار واري وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان اسٽيل ملز جي رٽائرڊ ملازمن کي 24 ارب 42 ڪروڙ رپين جون ادائيگيون ڪيون ويون آهن.پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته رٽائرڊ ملازمن جي 2013 کان رهيل پينشن جون ادائيگيون به ڪيون ويون آهن.صنعت ۽ پيداوار واري وزارت چيو آهي ته ڪُل 7 هزار 594 رٽائرڊ ملازمن کي ادائيگيون ڪيون ويون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.