اين ايف سي ۾ سنڌ جي حصي مان وڌيڪ 68 ارب رپين جي ڪٽوتي

ڪراچي(رپورٽ: خداڏنوشاھ)وفاقي سرڪار چئن مهينن ۾ اين ايف سي ايوارڊ ۽ رائلٽي  جي مد ۾ سنڌ جي طئي ٿيل رقم 247  ارب رپين مان 68 ارب رپين جو ڪٽ ھڻي ڇڏيو آهي،جڏهن ته آڪٽراءِ ۽ ضلع ٽيڪس جي مد ۾ فقط 2 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا آهن،دستاويزن موجب وفاقي سرڪار اين ايف سي ايوارڊ ۽ رائلٽي جي مد ۾ سنڌ صوبي جي طئي ٿيل حصي ۾ لاڳيتو سنڌ جي حصي مان ڪٽ هڻي رهي آهي تازو آڪٽوبر مهيني جي سنڌ جي اين ايف سي ايوارڊ ۾ مقرر ٿيل حصي 56 ارب 64 ڪروڙ رپين مان فقط 52 ارب 12 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا آهن جڏهن ته رڳو آڪٽوبر مهيني جي رقم جيڪا  اين ايف سي ايوارڊ ۾ طئي ڪئي ويئي آهي ان مان 4 ارب 52 ڪروڙ رپيا ڪٽي ورتا آهن،سنڌ کي آڪٽوبر مهيني ۾ انڪم ٽيڪس جي مقرر رقم 23 اربن مان 17 ارب،سيلز ٽيڪس جي مقرر 22 اربن مان فقط هڪ ارب جو اضافو ڪندي 23 ارب،سينٽرل ايڪسائيز جي مقرر رقم 3 ارب 98 ڪروڙن مان 2 ارب 99 ڪروڙ ۽ ڪسٽم ڊيوٽي جي مقرر 7 اربن ۾ هڪ ارب رپين جو اضافو ڪندي 8 ارب رپيا سنڌ جي اڪائونٽ ۾ موڪلي ڇڏيا آهن ٻئي پاسي رائلٽي جي مد ۾ سنڌ جي ڪروڊ آئل ۾ مقرر حصي 50 ڪروڙ مان 5 ڪروڙ سرچارج آن گئس جي مقرر هڪ ارب 21 ڪروڙ مان هڪ ارب ايڪسائيز ڊيوٽي جي 82 ڪروڙن مان 44 ڪروڙ ۽ رائلٽي آن نيچرل گئس جي آڪٽوبر مهيني جي حصي 2 ارب 56 ڪروڙ مان فقط 54 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا آهن جڏهن ته رائلٽي جي مد ۾ آڪٽوبر مهيني جي مقرر حصي 5 ارب مان رڳو 3 ارب ڏنا آهن جڏهن ته 2 ارب رائلٽي جي مد ۾ ڪاٽيا ويا آهن مجموعي طور تي سنڌ چئن مهين جي مقرر ڪيل اين ايف سي ۽ وسيلن جي رائلٽي جي مد ۾ 247 ارب رپين مان رڳو 170 ارب رپيا ڏنا ويا آهن جڏهن ته چئين مهينن جي مجموعي عرصي ۾ سنڌ جي حصي مان 68 ارب رپيا ڪاٽيا ويا آهن ، جڏهن ته وفاقي سرڪار آڪٽرائي ۽ ضلعا ٽيڪس جي مد ۾ مقرر سنڌ جي چئن مهينن جي حصي مان به وڏي رقم ڪٽي ورتي آهي دستاويزن موجب سنڌ جو چئن مهينن جولاءِ،آگسٽ،سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر مهينن ۾ 6 ارب رپيا مقرر ڪيا ويا جن مان فقط هڪ ارب 52 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا آهن جڏهن ته 4 ارب 48 ڪروڙ رپيا ڪٽيا ويا آهن ،جڏهن ته وفاقي سرڪار اين ايف سي ايوارڊ ۽ وسيلن تي رائلٽي جي مد ۾ سنڌ جي مجموعي طئي ٿيل رقم جو 27 ڏهائي ست سيڪڙو حصي ڪاٽي ڇڏيو آهي،جنهن ۾ اين ايف سي ۾ 24 سيڪڙو،وسيلن تي رائلٽي جي مد ۾ 53 سيڪڙو ۽ 24 ڏهائي 72 سيڪڙو رقم ڪاٽي ويئي آهي سمورن هيڊز کي ملائي مجموعي رقم جو 27 سيڪڙو حصو ڪٽي ڇڏيو آهي،وفاقي سرڪار رڳو اين ايف سي ايوارڊ جي مد ۾ مقرر ٿيل رقم مان سنڌ کي جولائي مهيني جي مقرر حصي 56 ارب 64 ڪروڙن مان فقط 34 ارب 87 ڪروڙ،آگسٽ جي حصي مان 34 ارب 54 ڪروڙ ۽ سيپٽمبر جي مقرر حصي 56 ارب 64 ڪروڙن مان 49 ارب 12 ڪروڙ رپيا ادا ڪيا آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.