وزيراعظم اڄ افغان صدر جي دعوت تي ڪابل جو دورو ڪندو

اسلام آباد (بيورو+م ڊ) وزيراعظم عمران خان افغان صدر اشرف غني جي دعوت تي اڄ خميس ڏينهن ڪابل جو دورو ڪندو. وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم جو افغانستان جو اهو پهريون دورو آهي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب وزيراعظم جو وفد پرڏيهي وزير، سيڙپڪاري ۽ واپار واري صلاحڪار ۽ ٻين اعليٰ عملدارن تي مشتمل هوندو، وزيراعظم جي پروگرام ۾ افغان صدر اشرف غني سان ملاقات، وفدن جي سطح تي ڳالهيون ۽ گڏيل پريس ڪانفرنس شامل آهن،

گلگت چونڊن ۾ 60 سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ ڪاسٽ ٿيا: فافن

گلگت ( م  ڊ )  گلگت بلتستان جي چونڊن جي حوالي سان فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽ ورڪ ( فافن ) رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، جنهن موجب گلگت چونڊن ۾ 60 سيڪڙو  کان وڌيڪ ووٽ ڪاسٽ ڪيا، 13 تڪن ۾ عورت ووٽرز جو ٽرن آئوٽ 53.8 سيڪڙو رهيو، 13 تڪن ۾ مرد ووٽرن جو ٽرن آئوٽ 59.6 سيڪڙو رهيو. فافن رپورٽ موجب پولنگ ايجنٽس کي فارم 45 فراهم نه ڪرڻ جا واقعا رپورٽ ٿيا، هر پولنگ اسٽيشن تي بي ضابطگي رپورٽ ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.