سنڌ ۾ ڪتن خلاف اثرائتي مهم شروع نه ٿي سگهي، ٻارن سميت وڌيڪ ڪيترائي ڏاڙهجي ويا

ڪراچي/سکر/حيدرآباد(نمائندا)سنڌ ۾ ڪتن جو آزار برقرار، وڌيڪ ڪيترائي ماڻهو ڏاڙهجي ويا، لاڙڪاڻي شهر ۽ آسپاس وارن علائقن ۾  رولو ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو، 4 ٻارن سميت 8 ڄڻن کي رولو ڪتن چڪ هڻي زخمي ڪري ڇڏيو ، هوڏانهن مدئجي ڀرسان نينگريءَ کي ڪتي ڏاڙھڻ جو ڪيس ڳاھيجا ٿاڻي تي اي ايس آءِ شاھنواز ناريجو جي سرڪاري فرياد تي يوسي امروٽ شريف جي سيڪريٽري زاھد ڪيھر خلاف قلم نمبر 289-190-191 پي پي سي تحت داخل ڪيو ويو آهي ھوڏانھن اھڙي قسم جي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ بعد يوسي انتظاميا ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي ، ان موقعي تي نينگري زينب جي والد قمرالدين جوڻيجي صحافين کي ٻڌايو ته علائقي ۾ ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي، ميان صاحب ۾ رولو ڪتن ٻارڙي سميت 3 ڄڻا چڪي زخمي  ڪري ڇڏيو،ٻئي طرف سلطان ڪوٽ شهر ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جي آزار کي ختم ڪرڻ لاءِ يوسي سلطان ڪوٽ جي سيڪريٽري مسعود پٺاڻ يوسي جي ملازمن سان گڏجي شهر جي 36 کان وڌيڪ رولو ڪتن کي گوشت ۾ زهر ڏئي ماريو ويو ٺٽي جي ڪوھستاني يوسي جنگشاھي ۽ يوسي ڪوھستان ۾ به  رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو. ڪتن جي آزار وڌي وڃڻ ڪري معصوم ٻار ۽ اسڪولي شاگرد توڙي شاگردياڻيون ڪتن جي ڊپ کان اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏنو. شھر ۽ اسپاس وارن علائقن ۾ گذريل ڪجھ مھينا اڳ ڳوٺ صالح محمد برفت ۾ ٻن عورتن سميت چئن ٻارڙن کي ڏاڙھي زخمي ڪرڻ سميت ھن وقت تائين ڪيترن ئي ٻارڙن کي ڪتن ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو آھي. پر انتظاميا اڃان تائين ماڻھن کي رولو ڪتن کان بچائڻ لاءِ ڪوبه تحرڪ ناھي ورتو ،ڊاڪٽر اسماعيل پليجو صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته پولٽري فارم جو ڪاروبار  بند ٿيڻ جي ڪري بک جي ڪري رولو ڪتا شھر توڙي ڳوٺن جو رخ ڪندا آھن. سياري جي موسم ۾  ڪتا پاڻ ۾ وڙھڻ جي ڪري ھڪٻئي کي ڏاڙھڻ ڪري (ريبس وائرس) جي ڪري ڪتا ڇتا ٿيندا آھن. سياري جي مند ايندي رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو آھي، سڳيون ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ انتظاميا جي نااهلي سبب ڪيتري ئي عرصي کان ڪتا مار مھم شروع نه ٿي سگهي، معصوم ٻارڙن ۾ خوف ۽ هراس پکڙيل آهي، جنهن سبب انهن اسڪولن ڏانهن وڃڻ ئي ڇڏي ڏنو، ٻئي پاسي ٽنڊوآدم ۾ ميونسپل جي ڪتا مار مهم 325 ڪتا ماريا ويا،ميونسپل ايڊمنسٽريٽر اعجاز جتوئي  پاران عملي ۾ انعام طور 32 هزار پنج سئو روپيه ورهايا ويا ،هوڏانهن يوسي ويسر ديھ لوٺي جي  ڳوٺ لڙ ۽ ڳوٺ عطا محمد لاشاري ۾ ڇتي ڪتي ھڪ نينگري زڪيره ڌي  ايوب لاشاري علي پٽ صابر حسين راجپوت سميت 3 ڄڻن کي ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو ،ڪتي کي علائقي واسين لٺيون ھڻي ماري وڌو،گھوڙاٻاري تعلقي ۾ هفتي اندر رولو ڪتن جھنگ ۾ چرندڙ 10 کان مٿي ٻڪريون ماري ڇڏيون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.