سڀ مهانگائي جون دانهون ڪن ٿا، ان جا ڪارڻ ته پڇو: وزيراعظم

فيصل آباد ( م ڊ) وزيراعظم چيو آهي ته  سڀ مهانگائي جون دانهون ڪري رهيا آهن پر اهو نه ٿا پڇن ته مهانگائي ٿي ڇو. حڪومت اچڻ  سان 20 ارب ڊالر جي ٽوٽ هئي دوست ملڪن ڏيوالو ٿيڻ کان بچايو. فيصل آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته صوبائي فنڊن مان شهر ٺيڪ نٿا ٿي سگهن، اثرائتو مڪاني نظام ئي مسئلن جو حل آهي،  عمران خان چيو ته ڪرنسي ڪرڻ سبب مهانگائي ٿي پر تنقيد سرڪار تي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته  مڪاني ادارن ۾ سڌارا آڻي رهيا آهيون، هاڻي ميئر جي چونڊ سڌي ريت ٿيندي. عمران خان اپوزيشن تي تنقيد ڪندي چيو ته ڪجهه ماڻهن ملڪي ناڻي جي ڦرلٽ ڪري پئسا پرڏيهه منتقل ڪيا. نئون لوڪل گورنمينٽ نظام آڻي رهيا آهيون. هن چيو ته  مافيا ڳٺ جوڙ ڪري کنڊ جا اگهه وڌائي ڇڏيا، عوام کي سهولتون ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي، ڪرپٽ مافيا کي نه ڇڏيندس. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.