برک قومي اڳواڻ ڪامريڊ اظهر جتوئي لاڏاڻو ڪري ويو

حيدرآباد(رپورٽر) برک قومي اڳواڻ ۽ سنڌ هاري ڪميٽيءَ جي روح روان ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو پوٽو ۽ سنڌ ھاري ڪميٽي جو صدر  ڪامريڊ اظھر جتوئي 58 ورهين جي ڄمار ۾ دل جو دورو پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪري ويو، ڪامريڊ اظهر جتوئي ڪيتري ئي عرصي کان شگر ۽ بلڊپريشر جي مرض ۾ مبتلا هو، پر ڪالهه اوچتو حيدرآباد جي ڪلهوڙا ڪالوني واري رهائشگاهه تي دل جو دورو پوڻ ڪري سندس ساهه جو سڳو ٽٽي پيو ۽ هو سنڌ واسين کان موڪلائي ويو، ڪامريڊ اظهر جتوئي جي اوچتي لاڏاڻي تي سنڌ سياسي، سماجي حلقن ۽ هاري ۽ پورهيت اڳواڻن ڏک جو اظهار ڪيو آهي، ڪامريڊ اظهر جتوئي کي ڪلهوڙا ڪالوني ۾ اباڻي قبرستان ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي مزار جي ڀرسان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، جنازي نماز ۽ تدفين ۾ ڊاڪٽر هادي بخش جتوئي، پ پ اڳواڻ فقير داد کوسو، پروفيسر امداد چانڊيو، تاج مري، نور احمد ڪاتيار، بخشل ٿلهو، محسن جويو، نواز خان زنئور، اڪبر جتوئي ۽ ضمير لاشاري سميت مختلف سياسي ۽ قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن، اديبن، ليکڪن، هاري ۽ مزدور اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ڪامريڊ اظهر جتوئي پنهنجي ڏاڏي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي هاري ۽ مزدورن جي حقن لاءِ ٺاهيل ماضي جي هڪ سگهاري تنظيم سنڌ هاري ڪميٽي کي فعال رکيو ۽ هر سال ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي سالگراهن ۽ ورسين جون تقريبون پڻ منعقد ڪرائيندو رهيو، سنڌ جي مختلف مسئلن خلاف ۽ هارين ۽ مزدورن جي حقن لاءِ سدائين احتجاجن ۾ شامل رهيو، ڪامريڊ اظهر جتوئي پونم جي اتحاد سميت اينٽي ٿل ڪئنال ۽ ڪالاباغ ڊيم ايڪشن جو حصو رهيو، هن سنڌ ۾ لڳندڙ ٻٽي بلدياتي نظام خلاف پڻ پنهنجن ڪارڪنن سان گڏجي احتجاج ڪيو، ڪامريڊ اظهر جتوئي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي پٽ مظهر علي جتوئي جو اولاد هو، هو 18 فيبروري 1960ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو، اظهر جتوئيءَ شروعاتي تعليم ماڊل اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪئي، هن مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد مان پاس ڪئي ۽ سچل سرمست آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج حيدرآباد مان انٽر ۽ بي اي ڪئي. ڪامريڊ اظهر جتوئي پنهنجي ڏاڏي ۽ والد جي نقش قدم تي هلندي هارين جي حقن واري جدوجهد ۾ 1982ع کان پير پاتو، سماجي ۽ قومي خدمت جو جذبو رکندڙ اظهر جتوئي 2008ع وارين چونڊن ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي صوبائي سيٽ لاءِ ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي جي تڪ تان چونڊ به وڙهيو هو، پر ڪامياب نه ٿي سگهيو. اظهر جتوئي آگسٽ 1998ع کان سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو صدر رهيو، هن مختلف وقتن تي ڪالم به لکيا، هن ڪتاب “باباءِ سنڌ- حيدر بخش جتوئي” ترتيب ڏئي ڇپايو. هوڏانهن سنڌ هاري ڪميٽي پاران ڪامريڊ اظهر جتوئي جي لاڏاڻي تي 10 ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي.  عوامي آواز ميڊيا گروپ جي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ ۽ ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر حميده گهانگرو ڪامريڊ اظهر جتوئي جي لاڏاڻي تي مرحوم جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر تاج مري، جنرل سيڪريٽري مجيد ساجدي، نائب صدر ملڪ توصيف، فنانس سيڪريٽري مول چند، ميڊيا سيڪريٽري عبدالله جان، جمال ناصر، ذوالفقار مکي، غلام نبي، ڪامران خان، لالا حسن ۽ ٻين پڻ اظهر جتوئي جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.