اسلام آباد ۾ هر طرف مشين گنون لڳل آهن، مديني جي رياست اهڙي هوندي آهي؟ جسٽس قاضي فائز

اسلام آباد ( م ڊ ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪي پي ڪي ۾ 14 مهينا گذرڻ باوجود  مڪاني چونڊون نه ڪرائڻ جو نوٽيس وٺندي ڪي پي حڪومت خلاف توهين عدالت ڪارروائي جو  اشارو ڏئي ڇڏيو.سپريم ڪورٽ  جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ  پڇيو ته آخرڪار ايترا مهينا گذرڻ باوجود  چونڊون ڇو نٿيون ٿين ،ملڪ ۾ هر طرف وي آءِ پي ڪلچر نظر اچي ٿو،.هن سوال ڪيو ته ڇا مدينا جي رياست اهڙي هوندي آهي؟اسلام آباد ۾ هر طرف  مشين گنون نظر اچن پيون.هن سوال ڪيو ته ڇا اهي گنون پنهنجي عوام تي استعمال ٿينديون؟جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڪشمير جي ڳالهه ته ڪريون ٿا،پر صوبي ۾ مڪاني چونڊون نه ڪرائي عوام جي حق تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي، ڇا صوبي جي عوام جو حق نه آهي، هر طرف ماڻهو شاهي زندگي گذاري رهيا آهن، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ  ڪي پي ايڪٽ 2013 جي شق 39 ۽ 41 تي عملدرآمد  بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي اٽارني جنرل پاڪستان کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ  ريمارڪس ڏنا ته آئين تي عمل نه ٿيو ته ڪي پي حڪومت خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪنداسين. عدالت اليڪشن ڪميشن ۽ ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي کي به نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو. ٻڌڻيءَ دوران ڪي پي حڪومت پاران شق 39 ۽ 41 بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن تي عدالت اطمينان جو اظهار ڪندي حڪم ڏنو ته لوڪل گورنمينٽ جي منقوله ۽ غير منقوله ملڪيت جا تفصيل پيش ڪياوڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.