گهوٽڪي ۾ ڪتي ڏاڙهڻ جا 122 ڪيس، ڊي سي کي ڪاوڙ

گهوٽڪي/ميرپورماٿيلو(نمائندا)ضلعي گهوٽڪي  ۾ ڪتي چڪڻ جا 122 ڪيس رپورٽ ٿيڻ تي ڊپٽي ڪمشنر پاران ڪاوڙ جو اظهار، سي ايم اوز کي ڪاڪردگي بهتر ڪرڻ جو حڪم، ڪتا مار مهم متعلق روزانو جي بنيادن تي رپورٽ فراهم ڪرڻ جي هدايت. تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر/ايڊمنسٽريٽر ضلعي ڪائونسل گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ جي صدارت هيٺ صفائي ۽ ڪتا مار مهم جي سلسلي ۾ گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن سميت ميونسيپل توڙي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جي آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ضلعي ۾ ڪتي ڏاڙهڻ جا 122 ڪيس رجسٽرڊ ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جي اظهار ڪندي سي ايم اوز کي هدايت ڪئي ته ڪتا مار مهم کي ڪامياب بنائڻ لاءِ جوڳا قدم کڻي روزانو جي بنيادن تي رپورٽ فراهم ڪئي وڃي ان سلسلي ۾ انگن اکرن جي هيرا ڦيري يا لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.