ٻيٽ سنڌ سرڪار پاڻ ڏنا، ڪراچي جون حالتون گهڻيون خراب ناهن: فردوس شميم

ٽنڊوآدم + ميرپورخاص( نمائندا ) سنڌ اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن ليڊر فردوس شميم نقوي چيو آهي ته ٻيٽ سنڌ حڪومت پنهنجي مرضِيءَ سان وفاق حوالي ڪيا  آهن وفاق انهن  ٻيٽن کي آباد ڪري ماڻهن کي روزگار ڏيڻ ٿو چاهي اهو روزگار سنڌ جي ماڻهن کي ڏيڻ ٿاچاهيون اهڙو اظهار هن ٽنڊوآدم ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ ايڊووڪيٽ خادم جماليءَ جي رهائشگاھ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته مڃون ٿا ته ملڪ ۾ مهانگائي جي لهر آيل آهي پر مهانگائيءَ جي سببن تي به غور ڪرڻ جي ضرورت آهي هن چيو ته  ڪراچيءَ جون حالتون ايتريون خراب ناهن جيتريون ٻڌايون پيون وڃن ڪراچيءَ جا ماڻهو جيڪڏهن سانگهڙ ، خيرپور ۽ گهوٽڪيءَ جون حالتون ڏسن ته هنن کي خبر پوندي ته هو اڃان بهتر حالتن ۾ زندگي گذارين پيا. ان موقعي تي ايم پي اي ديوان  سچا نند ، ايم پي اي ڊاڪٽر سنجي گنگواڻي ، صدام حسين ڪنڀر ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ميرپورخاص ۾ سول اسپتال جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي  فردوس شميم چيو ته ميرپورخاص سميت سنڌ جا شهر تباهي جو شڪار آهن روڊ رستا تباه ٿي چڪا آهن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.