ڪشمور ۾ جرڳو، سڱ چٽيءَ ۾ ڏنل نينگري مبينه طوراغوا، اين سي داخل

ميرپورماٿيلو( رپورٽ:نصرالله گڏاڻي) ڪشمور ۾  جرڳو ڪري سڱ چٽي جي فتويٰ ڏنل 10 ورھين جي نياڻي ميرپورماٿيلو مان مبينا طور اغوا،پنج جوابدارن مٿان اين سي داخل تفصيل موجب: پنج مھينا اڳ علي مراد کوکر تي مسمات بيبي سان ڪارنھن جو تھمت ڏئي مبينا جرڳي ۾ سندس 10 ورھين جي ڀيڻ ساجدھ کوکر کي سڱ چٽي طور ڏيڻ جي جاري ڪيل فتويٰ بعد گذريل ڏينھن شام جو ميرپورماٿيلو مان ڄاڻايل نياڻي ساجدھ کوکر کي مبينا طور اغوا ڪيو ويو آھي، ان سلسلي ۾ ميرپورماٿيلو ٿاڻي تي 10 ورھين جي ساجدھ کوکر جي اغوا جي  اين سي سندس پيءَ گھوٽڪي پوليس جي اھلڪار علي نواز کوکر جي فرياد تي ڪشمور جي رھواسي رحمت علي کوکر ۽ خادم حسين ابڙو سميت پنج جوابدارن مٿان داخل ڪئي وئي،ان موقعي تي علينواز کوکر دانھيو ته سندس نياڻي ساجدھ کي اغوا ڪري ظلم ڪيو ويو آھي، ،رابطو ڪرڻ تي الزام ھيٺ آيل خادم ابڙو ”عوامي آواز“ کي ٻڌايو ته ھو پنھنجي گھر ويٺا آھن،ھنن معصوم نياڻي کي اغوا ناھي ڪيو، پوليس اھلڪار علينواز کوکر اغوا جو ڪوڙو ڊرامو ڪيو ھوندو ،رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي گھوٽڪي جي پي آر او افتخار آرائين ”عوامي آواز“ کي ٻڌايو ته مامرو ڪشمور ۾ ٿيو آھي،گھوٽڪي پوليس کي ۽ گھوٽڪي جي حدن کي ھروڀرو ملوث ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.