ننڍي عمر ۾ شادي جو نئون ڪيس، ڇوڪري دارالامان حوالي

ڪراچي ( رپورٽر )  سنڌ ۾ ننڍي عمر ۾ شادي جو هڪ ٻيو ڪيس سامهون اچي ويو، عدالت ڇوڪري لبنيٰ کي دارالامان موڪليندي  بڌڻي 20 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ تحفظ جي فراهمي بابت پسند جي شادي ڪندڙ لبنيٰ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ميڊيڪل بورڊ کان ٻن ڏينهن اندر ڇوڪري جي عمر جي تعين بابت رپورٽ طلب ڪئي. صحت کاتي رپورٽ پيش ڪندي عدالت کي ٻڌايو ته عدالتي حڪم تي عمر جي تعين لاءِ ميڊيڪل بورڊ ٺاهيو ويو آهي، اڄ خميس تي ڇوڪري کي بورڊ آڏو پيش ڪيو ويندو. واضح رهي ته لبني نالي ڇوڪري 3 هفتا اڳ فضل نالي شخص سان شادي ڪئي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.