گهوٽڪي ۾ وحشي جوابدار پاران معصوم نينگر سان ڏاڍائي

گهوٽڪي (ع آ نيوز ) گهوٽڪي ۾ وحشي پاران  معصوم نينگر سان ڏاڍائي جو انڪشاف ٿيو آهي.  جوابدار غلام مصطفيٰ معصوم نينگر کي اغوا بعد بدفعلي ڪري گهر ٻاهران ڦٽو ڪري ويو . ان سلسلي ۾ متاثر نينگر پوليس آڏو دانهيو ته جوابدار اغوا بعد ويران جاءِ تي کڻي وڃي هٿ پير ٻڌي بدفعلي جو نشانو بڻايو . پوليس جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل جوابدار غلام مصطفيٰ سومرو کي گرفتار ڪري نينگر جي وارثن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو آهي. معصوم نينگر جي وارثن دانهيو آهي ته جوابدار جا مائٽ ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون پيا ڏين، جوبدار کي سخت سزا ڏئي اسان کي تحفظ ڏنو وڃي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.