ٽنڊي آدم جي گرلز ڪاليج جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا:امام الدين شوقين

پ پ سينيٽر ۽آئل اينڊ گئس ڊولپمينٽ ڪميٽي سانگهڙ جو چيئرمين امام الدين شوقين ميڊيا ۾ ڪاليج متعلق خبرون اچڻ کان پوءِ گرلس ڪاليج ٽنڊو آدم جو دورو ڪيو ، جتي  ڪاليج جي پرنسيپال ميڊم ڪلثوم ناريجو ڪاليج جي بلڊنگ جي خراب حالت ، ڪمرن جي کوٽ ، ڪاليج جي پلاٽ تي قبضي جي ڪوشش سميت ڪاليج جي پوائنٽ بس جي خراب حالت بابت آگاهي ڏني،  ان موقعي تي سينيٽر ملڪ امام الدين شوقين آ.ئل اينڊ گئس ڊولپمنٽ ڪميٽي جي فنڊز مان 5 نوان ڪلاس رومز ۽ ڪاليج جي چوديواري تعمير ڪرائڻ سميت بس جي مرمت پنهنجي طرفان ڪرائڻ جو اعلان ڪيو، سندس چوڻ هو ته ٽنڊوآدم ڪاليج بابت ميڊيا ۾ خبرون ڏسي ڪاليج پهتو آهيان هن چيو ته نياڻين جي تعليم تي سنڌ حڪومت جو فوڪس آهي ۽ ٽنڊي آدم جي گرلس ڪاليج جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.