چمبڙ : اين آر ايس پي ۽ ڪميونٽي ھيلٿ ساليوشن پاران ٽِي بي چڪاس جي مفت ڪيمپ

چمبڙ فيڪٽري ڪالوني م اين آر ايس پي ۽ ڪميونٽي ھيلٿ ساليوشن پاران ھڪ ڏينھن جي مفت TB جي چڪاس ڪيمپ لڳائي وئي جنھن ۾ اين آر ايس پي جي ڊسٽرڪٽ پروگرام آفيسر فوزيا خاصخيلي، ڪميونٽي ھيلٿ ساليوشن جي ڊسرڪٽ مينجر رضوان عباسي ،تعلقہ چمبڙ اين آر ايس پي انچارج اسلم ٻگھيو،سرمد درس، رشيدہ لغاري ۽ ٻين جي نگراني م آيل ماڻھن جي TB چڪاس ڪري ايڪسري ء بلغم جون ٽيسٽون ڪيون ويو ، ان موقعي تي فوزيا خاصخيلي ميڊيا سان ڳالھيندي چيو ته گورمنٽ سنڌ جي سھڪار سان اين آر ايس پي، ء سي ايڇ ايس پاران ضلعي ٽنڊوالھيار م 80 ھزار ماڻھن جي  TB چڪاس ڪئي ويندي  TB جي مريضن کي 6 مھينن جو مفت TB ڪورس  به فراھم ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.