ميرپورخاص: چڪي مالڪن پاران گهٽ مقدار ۾ ڪڻڪ ملڻ خلاف احتجاج

ميرپورخاص ۾ آٽا چڪي ايسوسي ايشن پاران  چڪي مالڪن کي تمام گهٽ مقدار ۾ ڪڻڪ فراھم ڪرڻ خلاف ڪالي خان پمپ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي  وئي ، ان موقعي تي چڪي مالڪن لياقت قريشي محمد عامر امام بخش محمد رفيق  ۽ ٻين جو چوڻ هو ته  ميرپورخاص ضلعي جي مختلف تعلقن ۾ چڪي مالڪان کي  سرڪاري ڪڻڪ گھٽ مقدار ۾ ڏيڻ ڪري اٽي جو بحران ۽ اوپن مارڪيٽ مان ڪڻڪ خريد ڪرڻ سبب اٽو مھنگو ٿيڻ سبب مشڪلاتون پيش اچن پيون ،هنن خوراڪ  واري وزير ھري رام ڪشوري لال سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ميرپورخاص ضلعي ۾ چڪي مالڪان کي سرڪاري ڪوٽا 18 ٻورين بدران 58 ٻوريو ڏنيو ن وڃن ٻي صورت ۾ چڪي مالڪ اڻڄاڻايل مدي تائين چڪيو بند ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.