قاضي احمد: الفلاح فائونڊيشن جوڻا موري پاران مفت طبي ڪئمپ

الفلاح فائونڊيشن جوڻا موري قاضي احمد پاران ڳوٺ الھ بخش ڪٻر ۾ هڪ ڏينهن واري مفت جنرل ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي ،ڪئمپ جو افتتاح اسسٽنٽ ڪمشنر قاضي احمد عبدالقدير گجر ڪيو جنهن ۾ مختلف بيمارين جي ماھر ڊاڪٽرن ڊاڪٽر عامر نواز ڀٽي ، ڊاڪٽر اشفاق علي ، ڊاڪٽر دلدار حسين راهو ، ڊاڪٽر ڪريم بخش ۽ ٻين ڊاڪٽرن 600 کان مٿي مريضن کي چڪاس ڪري مفت دوائون ڏنيون، ان کان علاوه هيپاٽائيٽس بي، سي، ٽي بي جون ٽيسٽون پڻ مفت ڪيون ويون، ڪئمپ لڳائڻ ۾  ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد ابرار احمد جعفر، ڊي ايڇ او شھيد بينظير آباد جو خصوصي تعاون رهيو، ڪئمپ جي افتتاحي تقريب ۾ آيل مهمانن ۽ ڊاڪٽرن کي اجرڪن جا تحفو پيش ڪيا ويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.