ڪورونا وائرس پارلياماني ڪارروائي به متاثر ڪري ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس سبب قومي اسيمبلي جو 20 نومبر کان شروع ٿيندڙ اجلاس نه گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ڪورونا وبا پارلياماني ڪارروائي تي به اثر انداز ٿي وئي ۽ جمعي کان قومي اسيمبلي جو شيڊيول اجلاس هاڻ ملتوي ڪيو ويو آهي.

20 نومبر کان شروع ٿيندڙ اهو اجلاس 2 هفتا جاري رهڻو هو، جيڪو هاڻ نه گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ اجلاس جي حوالي سان فيصلو صورتحال کي ڏسي ڪيو ويندو.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پارليامينٽ هائوس ۾ ڪورونا ڪيس سامهون آيا هئا، جنهن کانپوءِ پارليامينٽ هائوس ۾ 3 ڏينهن لاءِ بند ڪيو ويو هو.

هوڏانهن ڪورونا وبا جي روڪٿام لاءِ احتياط طور سينيٽ ڪميٽين جي اجلاسن تي به ايندڙ حڪم تائين پابندي هنئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.