عمرڪوٽ:نينگري سان زيادتي جا جوابدار گرفتار، متاثرن جو احتجاج جاري

عمرڪوٽ لڳ ھيرآباد واسڻ 15سالن جي نينگري گلناز بجير سان زيادتي الزام ھيٺ جوبدار علي حسن ۽  فيض محمد بجير کي پوليس گرفتار ڪري ورتو ، ٻئي طرف متاثر نياڻي گلناز بجير سندس امڙ ۽ سياسي سماجي اڳواڻن سومار قادري، محمد سليم نھڙي ۽ ٻين پريس ڪلب عمرڪوٽ آڏو علامتي بک ھڙتال جاري رکي ،بک ھڙتالي ڪئمپ تي موجود  سومار قادري،  انساني حقن جي اڳواڻ محمد سليم نھڙي ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته جوابدارن کي پوليس خاص مراعتون ڏئي ٿاڻي تي مھمانن جيان ويهاريو آهي ۽ ڪيس ۾ گرفتارين بعد ڪا اڳڀرائي ڪرڻ لاء تيار ناھي،  ھنن اعلي اختيارين کان فوري معاملي جو نوٽيس وٺڻ ۽ صحيح جاچ ڪرائي جوابدارن کي سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو .

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.