ڄامشورو : پوليس جي ناجائزين خلاف دڪاندار يونين جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ،ڌرڻو

ڄامشورو ۾ پوليس جي ناجائزين خلاف دڪاندار يونين جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو  ڪري ڌرڻو هنيو ويو ، دڪاندار اڳواڻن  ظهير ڪانڌڙو , منور لعل , ساگر عالماڻي , ساگر جمن بڙي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ واپارين , سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ گڏ ٿي المڪا سينٽر اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد ڄامشورو حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو هنيو ، ان موقعي تي  عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ايس ايڇ او ڄامشورو  ٽي ڏينهن اڳ ڪٻاڙ جو دڪان هلائيندڙ عثمان گاڏهي جي دڪان تي بنا جواز چڙهائي ڪري دڪان مان لکين رپين جو سامان کڻائي ويو ۽ واپاري دڪاندار عثمان گاڏهي تي چوري جو سامان وٺڻ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو جنهن جي هوسخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا، هنن چيو آهي ته ساڳي  ايس ايڇ او هڪ  دڪاندار کان ڀتو طلب ڪيو نه ڏيڻ تي دڪاندار مٿان چوري جو سامان وٺڻ جو ڪيس داخل ڪيو ،  هنن مطالبو ڪيو آهي ته دڪاندار مٿان داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي ۽ ايس ايڇ او ڄامشورو کي هٽايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايندي شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪئي ويندي .جڏهن ته ڌرڻي واري هنڌ پهچي ڊي ايس پي ڪوٽڙي عبدالحڪيم مزاري خاطري ڪرائڻ کانپوءِ ڌرڻو ختم ڪرايو، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڄامشورو آدم ابڙو ٻڌايو آهي ته ڄامشورو ۾ چورين جو تمام گهڻيون وارڌاتون ٿيل آهن , اطلاح تي ڪٻاڙ جي  دڪان تي ڇاپو هڻي چوري ٿيل سامان هٿ ڪيو هو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.