مورو ڀرسان ٺاروشاھ جو نينگر پراسرار بيماري ۾ مبتلا،واهر جي اپيل

مورو ڀرسان ٺاروشاھ جو نينگر عمران سولنگي پراسرار بيماري ۾ مبتلا ٿي ويو، اک جي ھڪ پاسي کان گوشت وڌي وڃڻ سبب ڳڻتي ۾ ڳرڻ لڳو،بيماري ۾ ورتل نينگر ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته غريب،مسڪين هجڻ ڪري هو پنهنجو علاج به ڪرائڻ کان قاصر آهي،  سندس چوڻ هوته  مائٽن به کيس گھران ڪڍي ڇڏيو آھي،ڊاڪٽرن آپريشن ڪرائڻ جو مشورو ڏنو آھي،آپريشن تي اٺ کان ڏھ لک خرچ آھي، آپريشن نه ٿيڻ سبب زندگي داء تي لڳل آھي، پِني گذر سفر ڪندو آھيان،هن  سنڌ جي وڏي وزير، بلاول ڀٽو زرداري،۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته سندس سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي ،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.