ڏيپارجا لنڪ روڊ جي تعمير لاءِ مورو پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال ،ڌرڻو

ڏيپارجا لنڪ روڊ ٽينڊر ٿيڻ باوجود نه ٺھي سگھيو، روڊ جا آيل پيسا مسئلن جي ور چڙھي ويا، سياسي ،سماجي،ڌرين  پاران روڊ جي تعمير لاءِ ٽئين ڏينھن مورو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي طور علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي  ،ان موقعي تي بک ھڙتال تي ويٺل وڪيل اڳواڻن،غلام مصطفا ڇڄڙو،عبدالڪريم عباسي،غلام رسول ڀنگر ،۽ ٻين  جو چوڻ هو ته ڏيپارجا لنڪ روڊ جو ٽي دفعا ٽينڊر منظور ٿيو آھي،پر ھن مھل تائين روڊ ناھي ٺھيو، روڊ جا پيسا موجود ھجڻ باوجود نه  نٿو ٺھي،ھنن الزام ھڻندي چيو ته  پراونشل انجينيئر ۽ ٺيڪيدار مبينا ملي ڀڳت ڪري روڊ جا آيل پيسا ڳڙڪائڻ چاھين ٿا، هنن  سنڌ حڪومت،روينيو واري صوبائي وزير ۽ ٻين اعلا اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڏيپارجا لنڪ روڊ جو ڪم شروع ڪري علائقي واسين جي بيچيني ختم ڪئي وڃي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.