خانپور مهر: عوام کي اٽو سستو ڏيڻ لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر جو ساراهه جوڳو قدم

علائقي ۾ اٽو مهانگي اگهه تي وڪرو ٿيڻ جي شڪايتن کان پوءِ  اسسٽنٽ مختيارڪار خانڳڙھ ساراهه جوڳو قدم کڻندي سستي اٽي جي ٿيلهن جي ٽريڪٽر ٽرالي ڀرائي ڳوٺن ۾ پهچي ويو، 10ڪلو جو ٿيلهو 400سو روپين ۾ وڪرو ڪيو ويو، اسسٽنٽ مختيارڪار خانڳڙھ سجاد ڪلوڙ جو چوڻ هو ته  ڊي سي گهوٽڪي، اي سي خانڳڙھ ۽ مختيار ڪار خانڳڙھ جي ھدايتن تي خانڳڙھ تعلقي ۾ سستو اٽو وڪرو ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي،  خانپورمهر مختيارڪار آفيس ۾ سستي اٽي جو اسٽال لڳائڻ سميت ٻهراڙي  جي غريب ماڻهن تائين سستو اٽو پهچائڻ لاء ٽريڪٽر ٽرالي ڀري ڳوٺن ۾ پهتا آهيون،  هوڏانهن ٻهراڙي جي غريب ماڻهن انتظاميه جي اهڙي عمل جي ساراه ڪئي آهي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.