يو اي اِي پاڪستان سميت 12 ملڪن لاءِ وزٽ ويزا وارو عمل روڪي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان زاهد حفيظ چوڌري تصديق ڪئي آهي ته متحده عرب امارات (يو اي اِي) پاڪستان سميت 12 ملڪن کي وزٽ ويزا جاري ڪرڻ وار عمل عارضي طور تي اڻ ڄاتل مدي لاءِ روڪي ڇڏيو آهي.

زاهد حفيظ چوڌري پنهنجي بيان ۾ چيو ته يو اي اِي انتظاميا طرفان اِهو فيصلو امڪاني طور تي ڪورونا وائرس جي ٻي لهر کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي.

پر سندس چوڻ هو ته اسان ان حوالي سان متحده عرب امارات جي لاڳاپيل اختيارين سان سرڪاري طور تي تصديق جو انتظار ڪري رهيا آهيون.

پنهنجي بيان ۾ هن واضح ڪيو ته معطلي وارو قانون جاري ڪيل ويزائن تي لاڳو نه ٿيندو.

شروعاتي طور تي اِهو واضح ناهي ٿي سگهيو ته معطي جو عمل ويزا جي ڪيترين ڪيٽيگريز تي هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.