پيپلز پارٽي وزير اعظم طرفان چونڊ سڌارن لاءِ ڳالهين جي آڇ کي بدنيتي قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي وزير اعظم عمران خان طرفان چونڊ سڌارن تي ڳالهيون لاءِ ڪيل آڇ کي بدنيتي قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو.

سينيٽ ۾ پ پ پ جي پارلياماني ليڊر شيري رحمان وزر اعظم جي آڇ تي چيو ته گلگت بلتستان ۾ ڌانڌلي ڪري اسان کي چونڊ سڌارن جو درس نه ڏي.

هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت پهرين گلگت بلتستان ۾ ڌانڌلي جي ذميواري قبول ڪري ۽ پوءِ سڌارن تي ڳالهيون ڪري، چونڊ سڌارن تي اوچتو دلچسپي عجيب ڳالهه آهي.

سندس چوڻ هو ته اڍائي سالن ۾ چونڊ سڌارن تي حڪومت ڪيتري قانون سازي ڪئي، پارلياماني ڪميٽي کي تالا هڻي توهان چونڊ سڌارن جون ڳالهيون ڪري رهيا آهيو.

پ پ پ اڳواڻ جو چوڻ هو ته حڪومت سر عام چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي، چونڊ ايڪٽ 2017ع موجب وفاقي حڪومت کي عملي طور تي مهم هلائڻ جي اجازت ناهي.

سندس چوڻ هو ته ان سڀ جي باوجود وزير اعظم پاڻ ڌانڌلي جو فيصلو ڪيو ۽ چونڊن کان ڪجهه هفتا اڳ وفاقي حڪومت جي وسيلن کي غلط استعمال ڪندي گلگت بلستان پهچي ويو.

گلگت بلستان جي چونڊن تي شڪ جو اظهار ڪندي هن چيو ته اِها حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ته پولنگ ختم ٿيڻ کان اڳ ئي فارم 45 ڀريا ويا، جيڪا پي ٽي آءِ جي سر عام ڌانڌلي آهي.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي حڪومت کي مخاطب ڪندي هن چيو ته اليڪشن چور حڪومت سان ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون، توهان آر ٽي ايس ۾ خرابي سبب بڻيل حڪومت آهيو.

سينيٽر شيري رحمان چيو ته اليڪٽڪ ووٽنگ توهان جي وس جي ڳالهه ناهي، تباهي سرڪاري ڌانڌلي جا طريقا ڳولهي رهي آهي، هي مهانگي تي ضابطو نه آڻي سگهي ته اي ووٽنگ کي ڪيئن سنڀاليندي جڏهن ته ان حوالي سان رپورٽون آهن ته ان ۾ هيڪنگ جا خطرا موجود آهن ۽ هي نظام مڪمل طور تي محفوظ ناهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.