فافن گلگت بلتستان چونڊن کي پرامن ۽ شفاف قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽ ورڪ (فافن) رپورٽ جاري ڪندي چيو آهي ته گلگت بلتستان چونڊون پرامن طريقي سان ٿيون جڏهن ته رزلٽ جي تياري به شفاف هئي.

غير سرڪاري تنظيم فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽ ورڪ (فافن) گلگت بلتستان چونڊن بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن موجب گلگت بلتستان چونڊون پرامن طريقي سان ٿيون ۽ رزلٽ جي تياري به شفاف هئي.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪجهه پولنگ اسٽيشنز تي بدمزگي جا واقعا رپورٽ ٿيا ۽ ڪجهه پولنگ اسٽيشنز تي اميدوارن کي اندر نه وڃڻ ڏنو ويو.

فافن رپورٽ موجب 20 تڪن جي نتيجن موجب ٽرن آئوٽ 60 سيڪڙو رهيو، 20 تڪن مان 7 ۾ عورتن جا ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جي ڊيٽا فراهم ناهي ڪئي وئي جڏهن ته مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن جو ٽرن آئوٽ گهٽ رهيو.

فافن رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشنز گلگت بلتستان سياسي پارٽين جي اميدوارن جا خدشا ختم ڪرڻ جا بندوبست ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.