ڪورونا وائرس: پاڪستان ۾ اڄ 37 فوتگيون، 22 سئو کان وڌيڪ نوان ڪيس

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا 2 هزار 208 نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ سان گڏوگڏ 37 ڄڻا فوت پڻ ٿي ويا.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 2 هزار 208 نوان ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ ملڪ ۾ متاثرن جو ڪُل انگ 3 لک 63 هزار 380 ٿي ويو آهي.

اين سي او سي موجب فعال ڪيسن جو انگ به وڌي 30 هزار 362 تي پهتو آهي، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 37 ڄڻن جي لاڏاڻي کانپوءِ ملڪ ۾ وبا جي نتيجي ۾ هيل تائين فوت ٿيندڙن جو انگ 7 هزار 230 تي پهچي چڪو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.