ڪورونا وبا: 300 کان وڌيڪ ماڻهن جي ميڙاڪن تي پابندي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ 300 کان وڌيڪ ماڻهن جي ميڙاڪن تي پابندي هڻي ڇڏي.

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ٻي لهر ۾ شدت سبب قومي رابطا ڪميٽي (اين سي سي) پنهنجي ڪيل فيصلن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا، جنهن موجب 300 کان وڌيڪ ماڻهن جي سمورن آئوٽ ڊور ميڙاڪن تي پابندي هوندي، ايس او پيز تي عمل جي ذميواري اجتماع جي انتظاميا تي هوندي، ڪورونا سبب موت يا مرض پکڙجڻ تي آرگنائيزر ذميوار هوندا.

اين سي سي طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب شادي هالن لاءِ ان ڊور تقريبن تي نومبر کان پابندي هوندي، جڏهن ته شادي لاءِ رڳو 300 ماڻهن سان آئوٽ ڊور تقريبون ٿي سگهنديون، ريسٽورنٽس ۾ ان ڊور ڊائننگ جي موجوده اجازت جو ايندڙ هفتي جائزو ورتو ويندو.

اين سي سي جي پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته عوام جي آئوٽ ڊور ڊائننگ يا کاڌو گهر کڻي وڃڻ جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي، تعليمي ادارن ۾ سياري جي تڪڙي موڪلن جي آپشن تي 23 نومبر تي غور ٿيندو، تعليمي ادارن بابت فيصلو سڀني صوبن، وفاقي يونٽس جي مشاورت سان ٿيندو.

اين سي سي موجب مقامي انتظاميا ميڙاڪن ۾ ماسڪ جي پابندي يقيني بڻائيندي، ان حوالي سان قومي رابطا ڪميٽي سمورن چيف سيڪريٽرين، چيف ڪمشنر آءِ سي ٽي کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.