ڪراچي: ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ريسٽورنٽس ۽ ميرج هالز خلاف ڪارروائي جو فيصلو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) شهر ۾ ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ کي روڪڻ لاءِ ڪمشنر معياري طريقيڪار (ايس او پيز) جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ريسٽورنٽس، ميرج هالز ۽ سپر مارڪيٽن جي خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ڪمشنر ڪراچي افتخار شالواڻي جي صدارت هيٺ ڊپٽي ڪمشنر جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪورونا جي پکڙجڻ کي روڪڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي جاري ڪيل ايس او پيز تي عملدرآمد جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.

ڪمشنر ڪراچي افتخار شالواڻي ايس او پيز جي ڀڃڪڙي واري صورتحال جو نوٽيس وٺندي سمورن ڊپٽي ڪمشنرز کي هدايت ڪئي ته هو صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۽ ايس او پيز تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ موثر بندوبست ڪن، ۽ ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪندڙن جي خلاف ڪارروائي ڪن.

هن خاص طور تي ريسٽورنٽس ميرج هالز ۽ سپر مارڪيٽ کي ايس او پيز تي عملدرآمد جو پابند بڻائڻ جي لاءِ ايڪشن وٺڻ جي هدايت ڪئي.

ڪمشنر ڪراچي چيو ته ميرج هالز ۽ سپر مارڪيٽس لاپرواهي ڪري رهيا آهن، ايس او پيز تي عملدرآمد نه پيا ڪن ۽ مختلف ذيرعن سان انهن جي باري ۾ شڪايت ملي رهيون آهن.

هن چيو ته وائرس پکڙجي رهيو آهي ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا جي پکڙجڻ کي روڪڻ لاءِ خاص هدايتون ڪيون آهن.

سندس چوڻ هو ته ڪنهن سان نرمي نه ڪئي وڃي ۽ جيڪي ريسٽورنٽس، سپر مارڪيٽ ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن انهن کي بند ڪيو وڃي.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سمورن ريسٽورنٽس، ميرج هالز ۽ سپر مارڪيٽس کي تنبيهه ڪئي وڃي ۽ پابند ڪيو وڃي ته هو سنڌ حڪومت جي طرفان جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل ڪن ۽ خريدارن کي عمل ڪرڻ جو پابند ڪرائن، نه ته انهن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.