ڪراچي ڪنگز جو کٽڻ سنڌ جي عوام جي فتح آهي: مراد علي شاهه

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ ڪراچي ڪنگز کي پي ايس ايل ٽائيٽل کٽڻ تي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته اها سنڌ جي عوام جي فتح آهي.

پاڪستان سپر ليگ فائيو جي فائنل ۾ ڪراچي ڪنگز جي ٽيم لاهور قلندرز کي شڪست ڏئي پهريون ڀيرو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو آهي.

سيد مراد علي شاهه پنهنجي بيان ۾ چيو ته مان ڪراچي ڪنگز جي ٽيم، ٽيم جي مالڪ ۽ ڪراچي جي عوام کي مبارڪباد ڏيان ٿو، ڪراچي ڪنگز جو کٽڻ سنڌ جي عوام جي فتح آھي.

سندس چوڻ هو ته پي ايس ايل جو شاندار ريت ٿيڻ ڪرڪيٽ جي فتح آھي، مان لاھور قلندرز جي جذبي جو پڻ قدر ڪريان ٿو، لاھور قلندرز پڻ سٺي ڪرڪيٽ کيڏي، مان انھن کي بھ واڌايون ڏيان ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.