قمبر ڀرسان گولي لڳڻ سبب معذور ٿيل ناري جي وارثن جو انصاف لاءِ احتجاج

قمبر جي غيبي ديرو ٿاڻي جي ڳوٺ غلام محمد چانڊيو ۾ گولي لڳڻ سبب معذور  ٿي ويل ناري ياسمين ٺوڙھياڻي جي وارثن پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو ويو ، وارثن مڙس امتياز احمد ، معصوم ٻارڙن،  ناري جي والده مسمات گڏي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته معمولي ڳالهه تان جوابدار عبدالرزاق  ياسمين تي پسٽل جو فائر ڪري پٺيء ۾ گولي ھڻي سخت زخمي ڪيو جنهن سبب سندس هيٺين ڌڙ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي ، ڪراچي جي سرڪاري اسپتال ۾ به سندس علاج ڪرايو پر ڪوبه فائدو نه ٿيو آهي ،  هنن ٻڌايو ته انهن ٿاڻي تي واقعي واري ڏينهن اين سي به داخل ڪرائي پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نه پئي ڪري ،

هنن ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي اپيل ڪئي ته واقعي جو نوٽيس وٺي ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي،، ٻئي پاسي غيبي ديرو ٿاڻي جي ايس ايڇ او جان محمد مڱريو ٻڌايو ته هن ڪالھ چارج ورتي آهي، فريادي ڌر اچي  ته ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.