داد لغاري: ضلعي گھوٽڪي ۾ زراعت کي ڪاپاري ڌڪ رسڻ خلاف احتجاجي ريلي

ضلعي گھوٽڪي ۾ زراعت کي ڪاپاري ڌڪ رسڻ خلاف سنڌ ھاري ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي داد لغاري ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي وئي ، داد لغاري لوھي پل کيروھي غازيد ڙي سميت مختلف علائقن مان آبادگارن پريس ڪلب پھچي ضلعي انتظاميه ۽ زرعي ڊيلرن خلاف احتجاج ڪندي سخت نعريبازي ڪئي۽ ضلعي اندر فصلن کي نقصان ٿيڻ جو ذميوار ضلعي انتظاميا کي قرار ڏنو ، احتجاج ڪندڙ اڳواڻن ڪامريڊ بادل ملڪ,عبدالستار گھوٽو,لطف ميان شر,عبدالحق کٽياڻ,اڪرم ميتلو ۽ ٻين چيو ته ضلعي گھوٽڪي جي اڍائي لک ايڪڙن تي پوکيل ڪپهھ جي فصل کي غير معياري ٻج ۽ ڀاڻ ملڻ سبب ڪاپاري ڌڪ رسيو ، غير رجسٽرڊ دوائون ۽ ٻج وڪرو ڪيا ويا پر مقامي آفيسرن جي ملي ڀڳت سان انھن خلاف ڪا ڪاروائي نه ٿي سگھي ۽ ان جو نقصان غريب ھارين برداشت ڪيو

ھاري ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن چتاء ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ضلعي انتظاميه مسئلن جي حل لاء ڪو حل نه ڪڍيو ته ڊسٽرڪٽ ڪمشنر گھوٽڪي جي آفيس آڏو آبادگارن پاران سخت احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.