خيرپور ڀرسان پرائمري اسڪول جي عمارت زبون حال، 300 شاگردن لاءِ هڪ استاد مقرر

خيرپور ڀرسان يوسي خانپور جي ڳوٺ ڏانورو ۾ 1986  ۾ قائم ٿيل گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ 300 ٻارڙن کي پڙهائڻ لاءِ هن وقت به رڳو هڪ استاد مقرر آهي جڏهن اسڪول جي عمارت به جهري وڃڻ ڪري ان ۾ هنڌان هنڌان ڏار پئجي ويا آهن، شاگرد ۽ استاد خوف واري صورتحال ۾ تعليم جاري رکيون ٿا  اچن ، انتظاميا کي دانهڻ باوجود ڪنهن به سرڪاري عملدار نوٽيس نه ورتو آهي،   اسڪول ۾ پيئڻ جي پاڻي جي سهولت آهي نه ئي واش روم ٺهيل آهي جنهن ڪري استاد ۽ شاگردن کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيوآهي،   استاد علي خان ۽ زاهد خان ڦلپوٽو  جو چوڻ هو ته  انتظاميا جي نااهلي ڪري هن اسڪول ۾ ڪيترن ئي سالن کان هڪ استاد حسين شاه  مقرر آهي  جيڪو ايترا ٻار هجن جي ڪري ڪجهه عرصو پڙهائي ريتائرٽمنٽ وٺي ويو ڇو ته ان اسڪول ۾ پنج استاد مقرر آهن پر اهي انتظاميا جي نااهلي ڪري اسڪول نه ٿا اچن ،.هنن تعليم کاتي جي وزير ۽ چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي انهن جي ٻچن جي مستقبل سان کيڏندڙ انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.