وفاق تعليمي ادارن جي بندش جون تياريون ڪري ڇڏيون

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تعليم بابت وفاقي وزارت ڪورونا جي ٻي لهر کي ڏسندي تعليمي ادارن جي بندش جي حوالي سان پنهنجون تجويزون صوبن کي موڪلي ڇڏيون آهن.

تعليم بابت وفاقي وزارت تجويز ڏني آهي ته تعليمي ادارن کي 24 نومبر کان 31 جنوري تائين بند ڪيو ويندو.

تجويز موجب 24 نومبر کان پرائمري اسڪول بند ڪيا ويندا، 2 ڊسمبر کان ماڊل اسڪول بند ڪيا ويندا، جڏهن ته 15 ڊسمبر کان هائير سيڪنڊري اسڪول بند ڪيا ويندا.

تعليم بابت وفاقي وزارت تجويز ڏني آهي ته استاد ادارن ۾ حاضري يقيني بڻائن ۽ آن لائن ايجوڪيشن لاءِ تياري ڪئي وڃي، مقامي طور ٽيلي اسڪول، ريڊيو سميت آن لائن ايجوڪيشن سسٽم لاڳو ڪيو ويندو.

وفاق طرفان تعليمي سيشن کي 31 مئي تائين وڌائڻ جي تجويز تحت ميٽرڪ، انٽرميڊيئيٽ امتحان جون 2021 ۾ ورتا ويندا.

تعليم بابت وفاقي وزارت جو چوڻ آهي ته بين الصوبائي تعليمي وزيرن جي ڪانفرنس 23 نومبر تي ٿيندي، ان اجلاس ۾ صوبا پنهنجون تجويزون پيش ڪندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.